جيڪو وڻين ڪن، ملڪ کي قرضي ڪندڙن کان جواب وٺندس: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به بادشاهه کان سفارش ڪرايو، جنهن وٽ مرضي وڃو، جنهن جا به پير دٻايو پر اين آر او نه ڏيندس. راولپنڊي ۾ سر سيد ايڪسپريس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان ريلوي واري وزير شيخ رشيد ۽ سندس وزارت کي مبارڪ ڏيندي چيو ته جنهن جنون سان توهان پاڪستان ريلوي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو سڄو پاڪستان توهان کي دعا ڏيندو. هن چيو ته عام ماڻهو لاءِ سڀ کان آسان سفر جو طريقو ريلوي آهي، جيڪو سستو به آهي، سڀني مهذب معاشرن ۾ ريلوي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، جن ماڻهن وٽ گاڏيون ناهن، جيڪي ماڻهو ڊگهو سفر نٿا ڪري سگهن، انهن لاءِ ريلوي جو سفر بهترين آهي ۽ مون کي هر نئين ٽرين جي شروعات تي خوشي ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي جو 36 ارب رپين جو خسارو هو، جنهن کي گهٽ ڪري 32 ارب تائين آندو ويو آهي، ان جو مطلب آهي ته ڪير به ايمانداري سان ڪم ڪري ته بهتري اچي ويندي، ملڪ جو هڪ هڪ ادارو رڪارڊ خساري ۾ هلي رهيو هو، پي آءِ اي، ريلوي، بجلي ۽ گئس ڪهڙو سبب هو جو ائين ٿيو، شيخ رشيد واضح ڪيو ته ان پويان ڪرپشن هئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي، ڪرپشن سبب غربت ايندي آهي، ڀارت ۾ ريلوي ۾ اربين رپيا نعفو ٿيندو آهي، جڏهن ته هتي خساري ۾ هلندو آهي، اتي به ڪرپشن هئي ته خسارو هو، اسان جو ملڪ اڄ ڏکئي وقت ۾ آهي، ڇو ته 10 ورهين ۾ ٻن حڪومتون 6 سئو ارب رپين کان قرض 3 هزار ارب رپين تائين کڻي ويون، شريف ۽ زرداري خاندان، انهن جي ٻارن جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا آهن. عمران خان چيو اهي گوڙ ڪن ٿا ته انتقامي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن، انتقامي ڪارروائي منهنجي خلاف ٿي، مان جڏهن پاناما جي ڳالهه ڪئي ته مون تي سپريم ڪورٽ ۾ 2 ڪيس ڪيا ويا، 32 ايف آءِ آرز ڪاٽيون ويون ۽ 6 ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيا ويا،  ڇو ته چئي رهيو هيس جواب ڏنو. هن چيو ته انهن تي مان ڪي به ڪيس ناهن ڪيا، اهي ڪيس پراڻا آهن، جڏهن مون تي ڪيس هئا ته مان جواب ڏنو ۽ ثابت ٿيو ته مان صادق ۽ امين آهيان، اهي ڀلي جيترو به گوڙ ڪن، مان قوم سان واعدو ڪيو هو ته انهن کان جواب وٺندس، جيڪو وڻيو ڪيو اين آر او جي ڇوٽ نه ڏيندس، جنهن به بادشاهه کان سفارش ڪرايو، جنهن جا به پير دٻايو مان جواب گهرندس، مان ان لاءِ جواب گهري رهيو آهيان ڇو ته مون کي خبر آهي اڄ منهنجي قوم ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته نئون پاڪستان ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي، ڪڏهن ته وڏن ڦورن ۾ ڪنهن هٿ نه وڌو، ڪڏهن اهڙن ماڻهن جو احتساب نه ٿيو، جيلن ۾ رڳو غريب ماڻهو نظر آيندا آهن، هڪ شخص جو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هو ته هو رمضان ۾ عوام اڳيان کاڌو کائي رهيو هو، هو 6 سال جيل ۾ رهيو ۽ جيل ۾ ئي مري ويو. عمران خان چيو ته جيڪي ماڻهو اربين رپين جي چوري ڪري ملڪ مان پئسو ٻاهر کڻي ويا چون ٿا ته ٻاهران کاڌو اچڻ گهرجي، وي آءِ پي جيل هجڻ گهرجي، اي سي هجڻ گهرجي، هتي ته 80 سيڪڙو ماڻهن وٽ اي سي ناهي پر جيل ۾ اي سي ۽ ٽي وي به گهرجي، جيڪڏهن شريف ۽ زرداري خاندان چوري ڪيل اڌ رقم به واپس ڪري رپيو مٿي ۽ ڊالر هيٺ اچي ويندو. وزيراعظم چيو پيغام ڏنو پيو وڃي ته چوري ڪرڻي آ ته وڏي چوري ڪيو، رڳو ننڍا چور ڀوڳي رهيا آهن پر جيل ۾ وڏي ۽ ننڍي چور سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، اسان کي عام ماڻهو جي زندگي بهتر ڪرڻي آهي، عام ماڻهو پيڙهجندو رهيو آهي، تعليم به رڳو امير طبقي لاءِ آهي، ملڪ جو ڏيوالو غريبن نه پر انهن ڪجهه ماڻهن ڪيو جيڪي اڄ ڀڄي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *