اسد عمر جي وڃڻ مان ثابت ٿي ويو ته عمران خان جون معاشي پاليسيون ناڪام آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسد عمر جي وڃڻ مان ظاهر آهي ته عمران خان جون معاشي پاليسيون ناڪام آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته  اصل مسئلو ناڻي وارو وزير اسد عمر نه پر وزيراعظم آهي،  حڪومت جو اعتراف آهي ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهي، جيڪڏهن حڪومت جون پاليسيون سٺيون آهن ته پوءِ ڇا آهي؟  هن چيو ته اسد عمر کي ڇو ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو چيو ويو، ناڻي واري وزير جو وڃڻ ثبوت آهي ته عمران خان جون معاشي پاليسيون ناڪام آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *