عمران خان کي پاڪستان جو بال ٺاڪري نه بڻجڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاڪستان جو بال ٺاڪري نه بڻجي، سوچي سمجهي بيان ڏئي، مريم اورنگزيب عمران خان طرفان پي ايس ايل مئچ لاهور ۾ ٿيڻ خلاف بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان کي پي ايس ايل مئچ جي حق ۾ بيان ڏيڻ گهرجي ها پر هن ايئن ڪرڻ بدران ان جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته کيس ڪيترائي ڀيرا سوچي سمجهي ڳالهائڻ جو چيو ويو آهي، هن چيو ته خان صاحب! ڪڏهن ته اوهان خير جو جملو استعمال ڪريو پر اوهان ڪڏهن به عقلمنداڻي ڳالهه نه ڪندئو، ان جي اميد ڪرڻ ئي اجائي آهي، هن چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيڻ قوم لاءِ وڏي خوشخبري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *