سي پيڪ منصوبي کي هر ممڪن سيڪيورٽي ڏني ويندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چائنا پاڪستان راهداري (سي-پيڪ) رٿائن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ سي-پيڪ رٿا هن وقت پاڪستان ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ سي-پيڪ جي سڪيورٽي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، چيف آف سڪيورٽي ڊويزن فار سي-پيڪ ميجر جنرل عابد رفيق، ليفٽيننٽ ڪرنل نثار احمد، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، ڊي آءِ جي (آر آر ايف) محمد امين، ڪرنل فواد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سي-پيڪ رٿائن جي سڪيورٽي تمام ضروري آهي، چيني پنهنجي ملڪ ۾ محفوظ هوندا آهن هتي اچڻ بعد انهن کي ڀرپور سڪيورٽي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته سي-پيڪ رٿائن جي تعمير هيٺ گهر به ضرور ايندا، جن جا گهر سي-پيڪ رٿائن ۾ حائل هوندا ته متاثرن کي ٻي هنڌ گهر ٺاهي ڏنا ويندا. هن چيو ته پرائيوٽ سيڪٽر ۾ چيني ڪم ڪندا آهن انهن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڏکيو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته چيني سفير سان ڳالهه ٻول ڪري ته پرائيوٽ سيڪٽر ۾ هر هڪ چينيءَ کي سڪيورٽي ڏيڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن انهن جي پرائيوٽ سڪيورٽي صحيح آهي ته اسان نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف آف اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن فار سي-پيڪ ميجر جنرل عابد رفيق پاران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف آف اسپيشل سڪيورٽي فار سي-پيڪ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته جيڪڏهن پوليس چوڪس آهي ته سڪيورٽي لاءِ بهترين ڪارڪردگي ادا ڪري سگهي ٿي ۽ اسان به سي پيڪ رٿائن تي چائنيز کي سڪيورٽي فراهم ڪنداسين. هن ٻڌايو ته فائيو-ڪور يا پاڪ-آرميءَ کي چئي ڪري سڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي ٿي، سي-پيڪ رٿائن کي سڪيورٽي ۾ پوليس، رينجرز، پاڪ-آرمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شامل آهن. ميجر جنرل عابد رفيق چيو ته سي-پيڪ رٿائن ۽ چائنيز جي سڪيورٽي کي بهتر ڪري سگهون ٿا، پرائيوٽ ڪمپنين ۾ جيڪي چيني ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي سڪيورٽي جا معاملا به ڏسنداسين ۽ جيڪي انهن جون اهم رٿائون آهن انهن کي سڪيورٽي ضرور فراهم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته 424 هنڌ آهن جتي چيني ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان ڪيترن ئي هنڌن تي گهٽ چيني ڪم ڪري رهيا آهن، سمورن هنڌ جي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته سي-پيڪ رٿا سنڌ ۾ سڀ کي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ سي-پيڪ لاءِ سڪيورٽي فورس کي وڌائينداسين، سي-پيڪ رٿا ڪنهن هڪ صوبي جو نه بلڪ سمورن صوبن جي رٿا آهي. ان موقعي تي آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه بريفنگ ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته سي-پيڪ رٿائن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 2000 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جن مان هن وقت تائين سي-پيڪ جي سڪيورٽيءَ لاءِ 1023 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ 977 پوليس اهلڪارن جي مقرري عمل هيٺ آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان وٽ 16000 پوليس ڪانسٽيبل آهن، جن مان 10000 پوليس ڪانسٽيبلز جي تربيت مڪمل ٿي چڪي آهي. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي (آر آر ايف) محمد امين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 72 ڪمپنيون آهن جن ۾ چيني ڪم ڪري رهيا آهن، سي-پيڪ جي رٿائن جي حوالي سان جيڪي ڏکيائيون اينديون انهن جو ڀرپور ريت تدارڪ ڪيو ويندو ۽ سي-پيڪ رٿائن لاءِ ايندڙ چائنيز کي فول سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *