سکر ۾ انٽرنيشنل ليول جو سرجيڪل يونٽ بڻائي رهيا آهيون، مروت معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهائيندس: خورشيد شاهه

سکر(بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عرفان الله مروت واري معاملي تي ڳالھ ٻولھ ٿي چڪي آهي، هو وڌيڪ ڪجهه به نه چوندو. سول اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سندس خواهش آهي اتر سنڌ ۾ سکر شهر اندر سول اسپتال کي جديد سهولتون ڏئي بهتر بڻائجي، جنهن سان بلوچستان، پنجاب ۽ اتر سنڌ جي مريضن کي علاج جون بهتر سموريون سهولتون ملي سگهن ۽ مريضن کي علاج خاطر ڪراچي جي اسپتالن جا ڌڪا کائڻا نه پون. هن چيو ته سول اسپتال سکر ۾ جلد ايم آر آءِ مشين لڳي ويندي، جڏهن ته ۱۱ ڪروڙ رپين جا ترت ٽينڊر ڪري انٽرنيشل طرز تي سرجيڪل وارڊ قائم ڪرڻ سان گڏ آرٿوپيڊڪ وارڊ ۽ ميڊيڪل وارڊ کي جديد سهولتن سان بهتر بڻائي مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وينديون. هن چيو ته عرفان الله مروت واري معاملي تي ڳالھ ٻولھ ٿي چڪي آهي هو وڌيڪ ڪجهه به نه چوندو. خورشيد شاهه سول اسپتال ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺن سان گڏ سول اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري مريضن کان علاج جي ملندڙ سهولتن بابت پڇا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *