عمران خان کي بي خبر سمجهندڙ کان وڏو بي خبر ٻيو ڪير به ناهي،زرداري بلاول کي استعمال پيو ڪري: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي پويان بيٺو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه ٿي وڃي ته ڇا چئي سگهان ٿو. جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته عمران خان بي خبر آهي ان کان وڏو بي خبر ڪير نه آهي، چوڌري نثار خان کي حلف کڻندي نٿو ڏسان، عمران خان پڪو پهه ڪيو آهي ته نواز، شهباز ۽ آصف زرداري کي نه ڇڏڻو آهي، وزيراعظم جي چين جي دوري دوران ايم ايل ون جي ڊزائنگ ۽ فزيبلٽي تي صحيحون ٿيڻ واريون آهن، وزيراعظم عمران خان جيئن وقت ڏيندو ته سرسيد ايڪسپريس جو افتتاح ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ڪرائي جون 3 ڪيٽيگريز متعارف ڪرائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته ايم ايل ون جو معاملو 12 کان 14 پهريان منهنجي دور ۾ ٿيو ۽ هاڻ ان جي ڊزائنگ ۽ فزيبلٽي تي صحيحون ٿيڻ واريون آهن، خزاني جون حالتون صحيح نه آهن ان لاءِ ان کي 3 مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جيئن وزيراعظم کان وقت ملندو سرسيد ايڪسپريس جو راولپنڊي يا ڪراچي ۾ افتتاح ڪنداسين، اها راولپنڊي کان فيصل آباد سڌو ۽ اتان ڪراچي ويندي، ان حوالي سان 11 مئي تي انائوس ڪري ڇڏينداسين، ان ۾ ڪرائي جون 3 ڪيٽيگريون، اڪانومي، اي سي ۽ اي سي سليپرز هونديون، اڪانومي ڪلاس ۾ کاڌو ڏينداسين، هن چيو ته اونهاري لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.  ريلوي جي ڪال سينٽر ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي خانگي شعبي کي ڏئي رهيا آهيون، ٽريڪ مشينن جي سار سنڀال ۽ مينٽيننس جو ڪم ريل ڪاپ جي حوالي ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته گذريل حڪمرانن رڳو پروڪيورمينٽ تي ڌيان ڏنو جڏهن ته اسان پراڻين شين کي ٺيڪ ڪري ريلوي کي هلائي رهيا آهيون، اسان 17 لک ليٽر تيل بچايو آهي، مسافر ٽرينن 4 ارب رپيا ڪمايا آهن، فريٽ ۾ اسان ڪجهه پوئتي آهيون پر جون تائين ان جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. عمران خان پڪو پهه ڪيو آهي ته چورن، ڌاڙيلن، نواز، شهباز ۽ زرداري کي نه ڇڏيندو، جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ کين ضمانت ڏئي ته عمران خان ڇا ٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندس، جن پاپڙ، فالودي ۽ ڪمند جا چوپا وڪرو ڪندڙن جي نالي تي اڪائونٽ استعمال ٿيا آهن اهي جيلن ۾ بند آهن پر جيڪي اصل مالڪ آهن اهي آزاد گهمي رهيا آهن ۽ انهن کان پڇڻ وارو ڪير نه آهي تنهنڪري انهن بي گناهه ماڻهن کي آزاد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بلاول ڀٽو ۾ ملڪ جي خوشبو آهي، بلاول معصوم چيلو آهي جنهن کي زرداري پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *