حڪومت عالمي طاقتن اڳيان جهڪي وئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايران جي دوري ۾ پاڪ-ايران گيس پائپ لائين منصوبي کي جاري رکڻ جو اعلان ناهي ڪيو.  حڪومت کي توانائي جي وڌندڙ ضرورت گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ تي ڪا ڳڻتي ناهي. حڪومت ضرورتن بدران عالمي طاقتن  اڳيان جهڪي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان جي ايران جي دوري بابت سندس مٿان سخت تنقيد ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *