وزيراعظم جوش خطابت ۾ تهذيب جو دامن هٿ مان نه ڇڏي،اسد عمر پ پ تي تنقيد بدران ٻي نوڪري ڳولي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم تقريرجي جوش ۾ تهذيب جو دامن هٿ مان نه ڇڏي ۽ اسان جي اڳواڻ بلاول ڀٽو جي باري ۾ ڳالهائيندي اخلاقيات کي نظر ۾ رکي هن چيو ته لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جي قائد سميت سندس ڪارڪن اخلاقيات ۽ شائستگي کان وانجهيل آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو هڪ قومي سياسي جماعت جو چيئرمين آهي وزيراعظم جيان سليڪٽيڊ ناهي ان ڪري وزيراعظم کي ڳالهه ڪندي زبان کي  ضابطي ۾ رکڻ گهرجي وزيراعظم پنهنجي زبان سان ملڪ جي جڳ هسائي جو سبب بڻجي  رهيو آهي.  هو ٻاهرين ملڪ وڃي ڪري پنهنجي زبان جيڪري ملڪ کي بدنام ڪرائي رهيو آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي ڪارڪنن جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي نه ته سخت عوامي ردعمل  کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جو چيئرمين ئي نه پر هو قوم جو هر دلعزيز رهنما به آهي ۽ ان جي خلاف بد زباني ناقابل برداشت آهي. ٻئي طرف اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسد عمر جي نا اهلي جا پول دنيا آڏو پڌرا ٿي ويا  آهن  هاڻي هو پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بدران ٻين تي تنقيد ڪري رهيو آهي. اسد عمر طرفان پيپلزپارٽي تي الزام بازي سندس ناڪامي کي لڪائن لاءِ اجايا هٿ پير هڻن برابر آهي. وزيراعظم جي بقول اسد عمر کي نا اهلي جي بنياد تي فارغ ڪيو ويو آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تبديلي جا وڏا وڏا دعوا ڪرڻ واري تحريڪ انصاف جي حڪومت غريبن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي تبديلي واري سرڪار مهانگائي کانسواءِ  ٻيو ڪجهه ناهي وڌايو ملڪ جي تاريخ ۾ دوائن جي اگهن ۾ ريڪارڊ  اضافو ڪيو ويو جنهن جي ڪا به مثال ناهي ملندي گئيس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ به ريڪارڊ اضافو ڪيو ويو جڏهن ته ضرورتن جي شين ۾ اگهن تي اضافي سان غريب عوام جو کائڻ پيئن مشڪل ٿي ويو آهي ۽ قوم هوش خطا ڪرڻ واري مهانگائي سبب سخت پريشان آهي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪرڻ وارن پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري خزاني وارو وزير پيپلزپارٽي جو  ئي ورتو ويو هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اسد عمر کي  معاشي تباهي جي ڪارڻ تحت ياد ڪيو ويندو منهنجو مشورو آهي ته ٻين تي ڪچرو اڇلڻ ۽ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪرڻ بدارن ڪا ٻي نوڪري تلاش ڪري ڇو ته اها ڳالهه واضح آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي ئي پارٽي جي خزاني واري وزير کي نا اهل ڪري موڪل ڏئي ڇڏي اسد عمر جي معاشي پاليسين سبب عوام کي سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *