عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا نه ڪري ها: آصف زرداري

 اسلام آباد(م.ڊ) پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي،   آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا ڪرڻ بدران ايوان ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ها، هن چيو ته عمران خان سنڌ هائوس تي حملو نه ڪيو پر وفاق ۾ سنڌ جي علامتي نشان تي حملو ڪري اصل ۾ سنڌ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان اڄ پاڪستان جي وفاقي تشخص کي نقصان پهچايو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي، اڳوڻي صدر چيو ته  پاڪستان جو عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪير جمهوري قدرن جو مالڪ آهي ۽ ڪير انتشار پکيڙي ملڪ کي انتشار ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي للڪاريندي چيو آهي ته سڀاڻي نه، اڄ گورنر راڄ لڳايو، همٿ اٿوَ ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو، ھن چيو تھ اسان سڀ اسلام آباد اچي توهان کي جواب ڏينداسين، ٻئي پاسي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويٺو آهي. پي ڊي  ايم سربراھ موجب عمران خان وٽ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لڳائڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، بي اعتمادي بعد حڪومت جا بدلين ۽ مقررين واري قدم به غيرقانوني آهن، سياسي پارٽيز اُميد ڪن ٿيون ته عدالتون هن معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *