سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو نه ڪرڻ جو فيصلو، باغي ميمبرز خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ شريڪ اڪثريت سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي مخالفت ڪئي، ذريعن موجب گهرو وزير گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي سمري پيش ڪئي، شيخ رشيد سميت ٻن وفاقي وزيرن سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حمايت جڏهن ته اڪثريت جي راءِ هئي ته گورنر راڄ نه لڳايو وڃي، ذريعن موجب اڪثريت جي راءِ هئي ته گورنر راڄ سان وڌيڪ معاملا خراب ٿي سگهن ٿا، وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي معاملي تي غور جي هدايت ڪئي،  وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي قومي اسيمبلي ميمبرز خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڇا اهڙن ميمبرز کي پنهنجون وفاداريون معاشي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي سڄي زندگي لاءِ هوندي يا ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي، سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌي ڪري فيصلو ٻڌائي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جو ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجي ۽ پئسن جي وفادارين تبديل ڪري ته ان جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *