بي اعتمادي رِٿ جي آئيني عمل ۾ پوليس ۽ انتظاميا ڌُر ٿي ته اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي:اڳوڻا وزيراعظم

ڪراچي(م.ڊ) ٽن اڳوڻن وزيراعظمن وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس کي خبردار ڪري ڇڏيو آھي تھ بي اعتمادي رِٿ جي آئيني عمل ۾ پوليس ۽ انتظاميا ڌُر ٿي ته اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ سندن سهولتڪارن کي سزا لاءِ تيار رهڻو پوندو،  يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ هائوس ۾ اڄ رات پوليس گردي ڪئي وئي ته نتيجن جا ذميوار وزيراعظم ۽ گهرو وزير هوندا، گهرو سيڪريٽري، پوليس ۽ اسلام آباد انتظاميا کي خبردار ڪريون ٿا ته ڪنهن به سياسي عمل جو حصو نه بڻجن،  ميمبرز خلاف پوليس گردي کي پارليامينٽ تي حملو سمجهيو ويندو، نه ڇڏيندس جهڙا بيان ڏيندڙ کي سڀ ڇڏي پيا وڃن، آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *