عمران خان ريحام خان کي طلاق ڏئي ڇڏي، طلاق جو عمل مڪمل ناهي ٿيو صرف ارادو ڪيو آهي: ريحام

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ريحام خان ۾ شادي جي 9 مهينن کان پوءِ طلاق ٿي ويئي عمران خان سمورن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي معاملن جي احترام جي درخواست ڪندي چيو ته هي منهنجي ۽ ريحام ۽ سڄي خاندان لاءِ تڪليف وارو وقت آهي ريحام جي اخلاقي ڪردار ۽ محروم طبقن لاءِ ان جو ڪم ۽ مدد جي جذبي جو گهڻو احترام ڪيان ٿو ريحام خان طلاق جي تصديق ڪندي چيو ته اسان رستا الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو ته عمران خان ۽ ريحام خان گڏيل راضپي سان طلاق جو فيصلو ڪيو تفصيل مطابق پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ عمران خان ۽ ويجهي ساٿي نعيم الحق ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان ۽ ريحام خان وچ ۾ طلاق ٿي ويئي آهي ۽ هي طلاق جمعي تي ئي ٿي آهي. هن چيو ته بنهي گڏيل راضپي سان طلاق جو فيصلو ڪيو معاملي جي سنجيدگي ۽ نذاقت کي ڏسي ميڊيا قياس آرائين کان پاسو ڪري ۽ عمران خان چاهي ٿو ته ميڊيا ايتري ئي رپورٽ ڪري جيترو ٻڌايو ويو آهي ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ کان پوءِ ريحام خان به سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان کان پنهنجي طلاق جي تصديق ڪندي چيو ته اسان رستا الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي طلاق جي ميڊيا رپورٽس اچڻ کان پوءِ ڪجهه دير تائين ڪنهن قسم جو ردعمل ظاهر نه ڪرڻ کان پوءِ عمران خان ان حوالي سان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي منهنجي ريحام ۽ سڄي ڪٽنب لاءِ نهايت تڪليف واري ڳالهه آهي مان سڀني کي درخواست ڪيان ٿو ته هو اسان جي نجي معاملن جو احترام ڪري هن چيو ته مان ريحام جي اخلاقي ڪردار ۽ محروم طبقن لاءِ ڪم ۽ مدد جي جذبي جو گهڻو احترام ڪيان ٿو هن چيو ته مالي معاملن جي حوالي سان آيل خبرون ۽ قياس آرائيون بلڪل غلط ۽ شرمنام آهي اطلاعن مطابق ريحام خان هن وقت لنڊن ۾ آهي هو هڪ ڏينهن اڳ لنڊن هلي ويئي هئي ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ عمران خان ريحام خان کي پي ٽي آءِ جي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي عمران خان ريحام خان جنوري 2015 ۾ پرڻو ڪيو هو ۽ هي پرڻو اٽڪل 9 مهينن تائين برقرار رهيو جڏهن ته عمران خان ۽ ان جي پهرين زال جمائما خان جي شادي 9 سالن تائين قائم رهڻ کان پوءِ 2004 ۾ ختم ٿي ويئي هئي.

ٻئي طرف ريحام خان جو چوڻ آهي ته اڃان تائين طلاق جو عمل پورو ناهي ٿيو پر ارادو ڪيو آهي، مالي معاملن جي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، اهو سڀ ڪوڙ آهي. سندس پاران شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته  پارٽي جي ڪجهه ويجهن ماڻهن عمران خان ۽ سندس وچ ۾ ڏار وڌا آهن، نفرت جو ٻج ڇٽيو ۽ معاملو ان حد تائين اچي پهتو آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ مون گذريل ڏينهن  طلاق جي ڳالهه ڪئي ۽ ان کان اڳ منهنجي ۽ عمران جي وچ ۾ طلاق جي ڳالهه ڪڏهن نه ٿي هئي. ريحام خان وڌيڪ چيو ته اڃان تائين طلاق جو معاملو پورو ناهي ٿيو اڃان رڳو ارادو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *