عمران خان کي سڀ ڄاڻن ٿا ته مستقل مزاج نه آهي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه عمران خان ۽ ريحام خان جي طلاق تي ڳالهائيندي چيو آهي ته هي صورتحال ان وقت نظر اچي رهي هئي جڏهن شادي ٿي، عمران خان کي سڀ سڄاڻن ٿا ته هو مستقل مزاج نه آهي، طلاق سان پنجاب ۾ مڪاني چونڊن تي فرق پوندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان هميشه چوندو پيو اچان ته عمران خان ۾ مستقل مزاجي نه آهي، هڪ عورت سان نڪاح ٿئي ۽ ڪنهن دٻاءُ تحت طلاق ٿئي اها سٺي ڳالهه نه آهي، خورشيد شاهه چيو ته شادي وقت دعا ڪئي ته هي شادي ڪامياب ٿئي پر ائين نه ٿيو، سياستدان پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي، طلاق سان پنجاب ۾ مڪاني چونڊن تي فرق پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *