ايڊمنسٽريٽر ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرامد ۾ دير تي ڪي ايم سي جي 9 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سجاد احمد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ۾ دير تي ڪي ايم سي جي 9 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي معطل ٿيلن ۾ ڊائريڪٽر لينڊ عقيل بيگ گريڊ 18، ڊائريڪٽر لينڊ انسداد تجاوزات مظهرخان گريڊ 19، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لينڊ انسداد تجاوزات ڪورنگي معين غوري گريڊ 18، ڊپٽي ڊائريڪٽر انسداد تجاوزات ڪورنگي آصف جهٽا گريڊ 17 ڊائريڪٽر اسٽيٽ محمد منير گريڊ 18، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسٽيٽ سهيل قائمخاني گريڊ 17، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ ڪليم عباس گريڊ 17، ڊپٽي ڊائريڪتر اسٽيٽ اڪمل ڊار گريڊ 17، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ محمد ارشاد گريڊ 17 شامل آهن هنن آفيسرن کي جهانگير پارڪ ۾ رهندڙ ڪي ايم سي جي پنج ملازمن کي ڪورنگي مصطفيٰ ڪالوني ۾ منتقل ڪري 31 آڪٽوبر 2015 تي هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *