افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٽولا دنيا ۾ امن کي تباهه ڪري سگهن ٿا: بلاول زرداري

ڪراچي/ٺٽو (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي گهر ڪئي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه پيو ٿئي. سيڪيورٽي صورتحال ٺيڪ ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي، دهشتگردي جي واقعن تي چين جا خدشا ختم ڪيا وڃن، ڪراچي ۾ ڪوئي نه رهندو، آمريڪا وڃڻ لاءِ ماڻهو اچي رهيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ٺٽي ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد علي ملڪاڻي جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو محمد علي ملڪاڻي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. جنهن کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي به پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين چاهيون ٿا ته جيڪو پاڪستان اچڻ گهري ٿو اهو قانوني طريقي سان اچي بلاول ڀٽو ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل بم ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته بارڊر تي ڪنديدار تار لڳائڻ وارن قدمن کي اسان ساراهيون ٿا هنچ يو ته سرحد تي قانوني دستاويزن سان چرپر جي اجازت آهي، پ پ چيئرمين عمران خان ۽ ان جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته عوام هن نااهل حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام جي خواهش آهي ته نااهل حڪومت کان نجات ملي، هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ماڻهن کان روزگار کسيو ويو ان حوالي سان هن مثال ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز کي بند ڪري 10 هزار گهراڻن کان روزگار کسيو ويو آهي بلاول ڀٽو دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي عوام هاڻي پيپزلپارٽي ڏانهن واجهائي رهي آهي ڇو ته هي واحد جماعت اهي جيڪا غريب جي ڳالهه ڪري ٿي سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سان رڳو اميرن کي رليف مليو آهي جڏهن ته عوام کي تڪليف پهتي آهي. هن چيو ته عمران خان 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر گهر ڊاهي ڇڏيو ۽ نوڪريون ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي روگار کسي ورتو هن چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي عوام کي تاريخي غربت ۽ مهانگائي جي شڪل ۾ نظر آئي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته 16 هزار ملازمن جن کي بينظير روزگار ڏنو انهن کان روزگار کسي ورتو. عدالت کي اپيل تي اسان جي چيف جسٽس کان به روزگار کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪابل ۾ امن جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته غير مستحڪم افغانستان ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زردري ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن ۾ فوتي ماڻهن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن ۾ پرڏيهين سميت ڪيترن ئي افغان شهرين کي زندگي کان محروم ڪرڻ انسانيت تي حملو آهي ڪابل ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي به ڌماڪن ۾ نشانو بڻائي دهشتگردن سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن هن چيو ته دنيا کي پرامن حل هر صورت ۾ ممڪن بنائڻو پوندو ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جا نوان اڀرندڙ ٽولا مستقبل ۾ دنيا ۾ امن کي تباهه ڪري سگهن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *