ڪراچي کي پاڻي فراهمي ۾ واڌ جي مختلف طريقن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي اڳيان وڌندو (معيشت جي حوالي سان) ته سڄو ملڪ اڳيان وڌندو ان ڪري ڪراچي کي تيزي سان ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ هو مقامي وسيلن ۽ ڊونر اينجنسين جي ماهرن ۽ وسيلن جي استعمال لاءِ سرگرم آهن ته جيئن ڪراچي کي هڪ پرامن ۽ خوشحال شهر بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن چائنا جي سرڪاري ڪمپني انرجي چائنا جي اٺ رڪني وفد جنهن جي اڳواڻي کيس صدر ليو بڪس زيان ڪري رهيو هو سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ سنڌ حڪومت سان پاڻي جي شعبي ۽ ڪراچي ۾ پاڻي ورڇ جي سلسلي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪي فور رٿا جيڪو کيس ڊزائين ۾ ضروري تبديلين سبب عارضي طور تي ڪم بند آهي بابت غور ڪيو ويو. نيشنل انجنيئرنگ فرم، نيسپاڪ کيس ڊزائين تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ جيئن ئي ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ڪي فور رٿا نهايت اهميت جوڳو منصوبو آهي ۽ ان کي مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير واضح ڪيو ته ڪراچي 17 ملين آبادي تي ٻڌل شهر آهي ۽ ان جي پاڻي جي گهرج جو ڪاٿو 1200 گيلن روزانو آهي پر فقط 500 ايم جي ڊي روزاني ملي رهيو آهي. هن چيو ته اسان شهر کي بلڪ پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ جي مختلف طريقن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن گهريلو ۽ صنعتي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حب ريور سورس ڪنوينس سستم ۾ ڪيترائي اوڻايون ۽ غلطيون آهن ان ڪري لائين لاسز توقع کان وڌيڪ آهن. چائنيز ڪمپني حب ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ واري نظام ۾ سڌارو آڻڻ بابت دلچسپي ظاهر ڪئي. چائنيز ڪمپني وڏي وزير کي درخواست تي چيو ته هو ڪراچي ۾ 100 ايم جي ڊي، ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ لاءِ تخميني لاڳت سان گڏوگڏ تفصيلات تي پڻ ڪم ڪندو. واضح رهي ته ماضي ۾ ڊي سيلينيشن ٽيڪنالاجي غير منافعي بخش رهي جيڪو صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چائنيز ڪمپني چيو ته هو سنڌ حڪومت لاءِ ويسٽ واٽر جي ٽريٽمنٽ لاءِ پلانٽ لڳائڻ لاءِ ڪم ڪندي. چائنيز فرم کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت ڪي فور فيز 1، تي ايف ڊبليو او سان ڪم ڪري رهي آهي ان ڪري چائنيز فرم ڪي فور جي فيز 2 ۽ فيز 3 ۾ ڪم ڪرڻ جي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن منصوبي جي لاڳت وڌي ٿي ته ان کي سي پيڪ رٿائن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته مختلف شعبن مثال طور انفرااسٽرڪچر، پاڻي ۽ صفائي ۽ انرجي تي ڪم رهيا آهيون ته جيئن مختلف شعبن ۾ حقيقي سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته جڏهن اوهان وٽ بهترين انفرااسٽرڪچر، پاڻي ۽ انرجي واڌو هوندو ته سيڙپڪار لازمي هتي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو هو شهر جي انفرااسٽڪچر جي ترقي ۽ پاڻي جي کوٽ وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. مراد علي شاهه رٿابندي ۽ ترقيات کاتي کي هدايت ڪئي ته هو چائنيز فرم سان گڏ هڪ ٻيو اجلاس منعقد ڪري ۽ پاڻي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت سفارشون جوڙي.نيدرلينڊ جي سفير وليم واؤٽر پلمپ سان ٿيندڙ ملاقات ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کيس ڪراچي ۾ فوڊ پراسيسنگ انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري بابت خيالن تي ڏي وٺ ڪئي. سفير چيو ته ان وٽ فوڊ پراسيسنگ جا انڊسٽريل ماهر موجود آهن جنهن کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ اهي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن. هن زراعت، جانورن جي پالنا ۽ هائبريڊ سيڊ جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير ۽ نيدرلينڊ جي سفر پنهنجي ملڪ جي سيڙپڪارن کي سنڌ جي سيڙپڪاري کاتي سان گڏجي سيڙپڪاري بابت اجلاس ڪوٺائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *