عمران اسماعيل جو سنڌ ورهائڻ جو بيان، گورنر سنڌ پنهنجي حدن ۾ رهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعلي سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سنڌ کي ورهائن واري بيان تي پنهنجي رد عمل جو اطهار ڪندي چيو آهي ته گورنر جو عهدو آئيني هوندو آهي ان لاءِ گورنر سنڌ پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪري سنڌ اسيمبلي سنڌ کي ورهائن جو خواب ڏسڻ وارن کي واضح پيغام ڏنو آهي ان لاءِ اهڙي ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي گورنر سنڌ جو بيان وفاقي حڪومت جي نا اهلي ۽ ناقص پاليسين کان توجو هٽائڻ جي ناڪام ڪوشس آهي ان جي اهڙي بيان تي سنڌ جي با شعور عوام سخت رد عمل ڏنو آهي ان لاءِ گورنر صاحب نوشته ديوار پڙهي وٺي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته رشوت خوري واري کاتي اينٽي ڪرپشن سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن م سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جلد ئي مختلف کاتن جي آفيسرن جي خلاف مالي بد عنواني ۽ سرڪاري اختيارن کان تجاوز ڪرن وارن خلاف مقدما درج ڪيا ويندا جنهن جي منطوري صوبائي صلاحڪار اينٽي ڪرپشن ڏني هن ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن کي هدايت ڏني ته ان آفيسرن جي خلاف مقدما درج ڪري قانوني ڪارروائي کي تيز ڪيو وڃي ته جيئڻ ٻين آفيسرن ۽ عملي کي عبرت حاصل ٿي صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اينٽي ڪرپشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته مذڪوره آفيسرن جي مالي بد عنواني جي خلاف اوپن انڪوائريون شروع ڪيون وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کي قبول نه ڪيو وڃي هن چيو ته رشوت جي ناسور اسان جي معاشري کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي اسان کي رشوت خوري خلاف گڏجي ڪري سماج دشمن عناصر سان جنگ ڪرڻي پوندي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن فياض عباسي صوبائي صلاحڪار کي وڌيڪ ٻڌايو ته ان افيسرن جي خلاف سورين بي ضابطگين جا ٺوس ثبوت اهن هنن سرڪاري اختيارن ۾ حد کان وڌيڪ تجاوز ڪيو آهي صوبائي صلاحڪار چيو ته اسان کي اهڙن ڪرپٽ عنصرن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو ته جيئن اهي آفيسر ٻين جي لاءِ عبرت جي مثال بڻجن ۽ انهن کي عهدن تان فارغ ڪرن لاءِ سفارشون ڪيون وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *