انتظام ۽ مالياتي اختيار گريڊ 17 جي هيڊ ماسترجي حوالي ڪيا وڃن وڏي وزير جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پرائمري اسڪول مينجمنٽ کي ڊي سينٽرلائيز ڪرڻ لاءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته انتظاميا ۽ مالياتي اختيارن کي گريڊ 17 جي هيڊ ماستر (ايڇ ايم) جي حوالي ڪيو وڃي. اهي هدايتون هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ نئين پورٽ فوليو تي ڪم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز، ناڻي وارو سيڪريٽري نجم شاهه، ڪالجز وارو سيڪريٽري پرويز سيهڙ، پلاننگ اينڊ ڊيوپمينٽ واري سيڪريٽري شيرين ناريجو، چيف اڪنامسٽ فتح تنيو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پرائمري اسڪول مينجمنٽ جي ڊي سينٽرلائيزيشن لاءِ انتظاميا ۽ مالياتي اختيارن سان گريڊ 17 جي هيڊ ماستر کي بااختيار بڻايو وڃي. پرائمري اسڪول جي سطح تي بجيٽ وڌائڻ لاءِ اهو هڪ بهترين قدم آهي. اها ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته هن وقت اسڪول جو مخصوص 2 ارب رپين جو بجيٽ ۽ جديد اُپائن لاءِ 500 ملين رپيا تعليم کاتي جي دسترس ۾ آهي. اسڪولن کي پنهنجي ڊي اي ايز ۽ ڊائريڪٽرن ذريعي سيڪريٽريٽ کي پنهنجي بجيٽ لاءِ خط لکندا رهون ٿا ۽ انهن کي بجيٽ ريليز ڪرڻ ۾ ڳچ عرصو لڳي ويندو آهي. تعليم واري سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز وڏي وزير کي ٻڌايو ته 199 جاري اسڪمين سوڌو 201 اسڪيمون ۽ 2 نين منصوبن لاءِ 15150 ملين  رپيا رکيا ويا آهن جنهن تحت 8284.5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته اپريل جي آخر تائين خرچ جي مد ۾ 4194.3 ملين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي ايندڙ مالي سال جي اي ڊي پي ۾ 149 نيون اسڪيمون شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته نئين اسڪيمن لاءِ تمام گهٽ رقم رکيل هوندي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش ايندڙ بجيٽ ۾ ترجيحي بنيادن تي هلندڙ رٿائن جي پڄاڻي آهي. تعليم واري وزير چيو ته 19 ضلعن ۾ تجويز ڪيل رقم 1168 ملين رپين جي لاڳت سان ٻن ڪمرن تي ٻڌل عمارتون تعمير ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن ڄاڻايل 29 اعليٰ انرولمنٽ جي خطرناڪ پرائمري/ايليمنٽري اسڪولن جي عمارتن جي بحالي لاءِ 2610 ملين رپين جي پڻ تجويز ڪئي آهي. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي وڃي. هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته ڄاڻايل سهولتون اهڙن اسڪولن کي ڏنيون وڃن جتي مختلف اسڪولن جهڙوڪه پرائمري کان هائر سيڪنڊري جا شاگرد رهائش پذير هجن. وڏي وزير پيشوراني تدريسي معيار تي پرائمري کان سيڪنڊري تعليم سان عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.  هن چيو ته اسان کي استادن جي سکيا تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهي (استاد) جيڪي سکائڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن انهن کي اسڪول ايجوڪيشن جي ٻين ونگ ڏانهن اماڻيو وڃي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ميوزڪ ٽيچرز ڀرتي ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي، ايندڙ مرحلي ۾ کيس سيڪنڊري اسڪولن ۾ انگريزي، رياضي، سائنس ۽ راڳي استادن کي ڀرتي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هن چيو ته موسيقي سان شاگريد پنهنجي پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪندا ۽ ميوزڪ سکڻ سان کيس همٿ افزائي پڻ ٿيندي. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي ۽ ناڻي کاتي سان گڏ ايندڙ بجيٽ ۾ نين اسڪيمن کي شامل ڪرڻ لاءِ هڪ عليحده اجلاس سڏرايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *