اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، اسد عمر جا فيصلا رد، اسٽيل ملز کي ٻيهر خانگائڻ واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاڪستان اسٽيل مل کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر جي اسٽيل مل جي نجڪاري نه ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. دستاويزن موجب اي سي سي پاڪستان اسٽيل مل کي ٻيهر خانگائڻ واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو ان کان اڳ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر جي سبراهي ۾ ڪابينا نجڪاري ڪميٽي پاڪستان اسٽيل مل کي خانگائڻ واري فهرست مان ڪڍڻ جو فيصلو ڏنو هو. دستاويزن موجب پاڪستان اسٽيل  کي ٻيهر خانگائڻ لاءِ ڪابينا نجڪاري ڪميٽي ۾ سمري پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته ايڪسپرٽ گروپ پاڪستان اسٽيل مل جي نجڪاري نه ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *