علي نواز شاهه جي شخصيت سڀني جي سامهون آهي هو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ناهي رهيو، فيصلو چئلينج ڪنداسين: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته احتساب عدالت پاران  پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه بابت ڏنل فيصلي جي خلاف اپيل لاءِ اعلي عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. سيد علي نواز شاهه جي شخصيت سڀني جي سامهون آهي هو ڪڏهن به ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ناهي رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عدالت جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر علي نواز شاهه جي خلاف ڏنل نيب عدالت جي فيصلي جي خلاف اعلي عدالت ۾ اپيل ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته اعلي عدالت پيپلز پارٽيءَ سان انصاف ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا اڳوڻ پهريان به عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هاڻي به عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *