ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ مخدوم امين فهيم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، يوسف رضا گيلاني حاضري کان آجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ مخدوم امين فهيم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جار يڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست منظور ڪري ورتي اهي تفصيل مطابق خميس تي وفاقي اينٽي ڪرپشنجي جج محمد عظيم ٽڊاپ اڪسنيڊل جي وڌيڪ 7 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي عدالت اڳوڻي واپار جي وفاقي وزير مخدوم امين فهيم جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جار يڪندي جوابدار کي 12 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته شريڪ ملزم ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران حاضري بابت استثنيٰ جي درخواست کي منظور ڪيو ويو يوسف رضا گيلاني ان کان اڳ 11 ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي ڪيس جي ٻڌڻي تي پيپلزپارٽي جي ٻنهي اڳواڻن سميت ٻيا 9 نامزد جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا ايف آءِ اي پاران قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچائيندڙ ٽڊاپ اسڪينڊل جي 72 ڪيسن ۾ 23 جو چالان پيش ٿي چڪو آهي عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم کي مک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *