ڪراچي جي احتساب عدالت زراعت واري اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت مان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت زراعت واري اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي علي نواز شاهه ،سندس سئوٽ خادم علي شاهه ۽ ڀاڻيجي امتياز شاهه کي زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن کانپوءِ ٽنهي کي  عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽواري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو صوبائي وزير علي نواز شاهه، سندس سئوٽ خادم علي شاهه ۽ ڀاڻيجو امتياز علي شاهه پيش ٿيو. عدالت زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي علي نواز شاهه کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته عدالت خادم علي شاهه کي 4 سال ۽ امتياز علي شاهه کي 3سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد علي نواز شاهه، خادم علي شاهه ۽ امتياز علي شاهه کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو. علي نواز شاهه پ پ جي اڳوڻي حڪومت ۾ زراعت وارو وزير ۽ اڄڪلهه ايم پي اي آهي. علي نواز شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ ميرپورخاص مان ايم اين اي چونڊجڻ بعد صنعتن واري کاتي جو وزير  ٿيو . خادم علي شاهه پي آءِ اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو اڳوڻو ميمبر ۽ پاڪستان فوٽ بال فيڊريشن جو سربراهه  رهيو آهي،جڏهن ته  امتياز علي شاهه اڳوڻي صوبائي وزير علي شاهه جو ڀاڻيجو  آهي.  علي نواز شاهه  جي ترجمان  چوڌري اشرف جو چوڻ آهي ته علي نواز شاهه ۽ سندس مائٽن جي گرفتاري کي سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *