عرفان مھر قتل ڪيس جو ڊرامائي ڊراپ سين: عرفان جا قاتل زال ۽ ساھُرا نڪتا، پوليس جي تصديق

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل واري ڪيس جو ڊرامائي ڊراپ سين ٿيو آھي، اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ سي ٽي ڊي انچارج طرفان عرفان مهر جي قتل ۾ زال، سالِي، سالو ۽ سنڍو ملوث هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، مقتول جو سالو غلام اڪبر مهر ۽ سنڍو واجد جکرو گرفتار ڪيا ويا، سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب واقعي کي ذاتي رنجش جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته عرفان جي زال کائنس تنگ هئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ اڪبر کي پئسا ڏنا، اڪبر اُنهن پئسن مان موٽر سائيڪل ۽ پستول خريد ڪيا هئا، جوابدار اڪبر تي لکين رُپيا قرض هو، عرفان مهر زال اڪبر کي چيو ته مڙس جي قتل بعد ايترا پئسا ملندا جو قرض لهي ويندو، واقعي بعد فرار ٿيل عرفان مهر جي زال ۽ سالي جي ڳولا جاري آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *