سنڌ ۾ ڪنهن به صورت لساني سياست کي وڌڻ نه ڏنو ويندو: پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ اڳواڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪنهن به صورت لساني سياست کي هٿي نه ڏني ويندي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ جي اسان نه رڳو حمايت ڪريون ٿا پر ان لاءِ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021 ۾ وڌيڪ ترميمون ڪرڻيون پيون ته ان لاءِ تيار اهيون بلدياتي چونڊن کان پوءِ جلد ئي صوبن ۾ صوبائي فنانس ڪميشن کي فعال ڪيو ويندو ڪراچي کان ڪشمور سنڌ هڪ آهي ان ۾ ڪوئي فرق نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار انهن ٻنهي پارٽي جي صوبائي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان کان اڳ سعيد غني، وقار مهدي، سلمان مراد، خالد لطيف ۽ ٻين (ن) ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ان موقعي تي محمد زبير عمر، سيد منور رضا، کيلداس ڪوهستاني، چوڌري محمد طارق، هريش سليجا، خواجه شعيب، فيروز خان، اسلم خٽڪ راجا انصاري خالد شيخ ۽ ٻيا به موجود هئا ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا ملڪي سياسي صورتحال ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021 تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي صوبائي وزير سعيد غني (ن) ليگ جي صوبائي صدر ۽ ٻين کي ايڪٽ جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو ان موقعي تي شاهه محمد شاهه پيپلزپارٽي جي وفد پاران اچڻ تي ٿورا مڃي ۽ چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021 ۾ تجويزن لاءِ سيد ناصر حسين شآهه پاران اسان کي ڪيترائي ڀيرا چيو ويو هو هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ان حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ تازو ئي منظور ٿيل ايڪٽ تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن۾ پنهنجو فيڊ بيڪ ڏيندي ان کان پوءِ گڏيل ڪانفرنس ۾ انهن ٻنهي اڳواڻن ايم ڪيو ايم پاران صوبي ۾ لساني سياست ۽ ان حوالي سان لڳايل تعصب واري بينرز جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي شاهه محمد شاهه چيو ته اسان وفاقي ۽ جمهوري جماعت آهيون اسان کي جي لساني سياست تي يقين نٿا رکون هن چيو ته اسان سنڌ کي هڪ سمجهون ٿا ڪراچي کان ڪشمور سنڌ هڪ آهي ان ۾ ڪوئي فرق نه آهي هن چيوت ه پيپزلپارٽي جو وفد اسان وٽ اڄ هتي آيو آهي اسان کيس ڀليڪار چئون ٿا هن چيو ته اسان جي سنڌ لوڪل گورمينيٽ ايڪت 2021 جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان به چاهيون ٿا ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿين هن چيو ته اها ڳالهه سٺي اهي جو پيپلزپارٽي هن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمن لاءِ تيار آهي ۽ اسان به اهو ئي چاهيون ٿا ته اهڙو بلدياتي نطام صوبي ۾ لاڳو ٿي جيڪو بنا رنگ، نسل بنا زبان ۽ لساني فرق جي سموري عوام لاءِ هڪ جهڙو هجي ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اڄ مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر ۽ ان جي عهديدارن سان ملاقات جو مقصد هن وقت لوڪل گورنمينيٽ ايڪٽ جي حوالي سان نه رڳو کين آگاهه ڪرڻ آهي پر ان حوالي سان صوبي ۽ خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ جنهن نموني سان لساني سياست کي هٿي ڏني پئي وڃي ۽ ان ايڪٽ کي آڏو رکي عوام کي گمراهه ڪرڻ جون سزشون ڪيون پيون وڃن ان حوالي سان کين آگاهه ڪرڻ آهي هن چيو ته اسان 2021 جي ايڪٽ ۾ 2013 جي ڀيٽ ۾ اختيار وڌيڪ هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا آهن ۽ هن ايڪٽ جي تياري جنهن کانپ وءِ گورنر پاران ان تي خدشا ۽ تجويزون ڏنيون ويون ان کي به شامل ڪيو ويو آهي هن چيو ته خود ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير ايوان ۾ به ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته هي ايڪٽ ڪوئي حتمي نه آهي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ ترميمون ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ان لاءِ دل سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت به ڏني آهي سعيد _ني چيو ته اڄ سنڌ اسيمبيل ۾ اپوزيشن واريون پارٽيون جيڪو شور گوڙ ڪري رهيون آهن اهو غلط اهي اسان 26 نومبر تي جڏهن هي بل ايوان ۾ آندو ان وقت به انهن کان ان تي تجويزون ۽ ترميمون گهريون هيون ۽ انهن ترميمون به ايوان ۾ جمع ڪرايون پر افسوس جو انهن پنهنجو روايتي گوڙ جاري رکندي خود پنهنجي ئي ترميم تي زور نه ڏنو ان کان پوءِ سنڌ جي گورنر پاران هن بل ۾ پنهنجي خدشن سان واپس ڪيو ته اسيمبيل ۾ ان کي ٻيهر ترميمن سان آندو ويو ان ۾ به ڪجهه اپوزيشن ميمبرن پنهنجي ترميم جمع ڪرائي پر ان تي به زور نه ڏنو. سعيد غني چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو رايو ايم ڪيو ايم پي ٽي آئي ۽ ٻين اپوزيشن جي پارٽين جو آهي اهو غير جمهوري آهي هن چيو ته تنقيد ۽ تجويزون اپوزيشن جو حق آهي پر کين اهو حق حاصل نه آهي ته اهي اڪثريت کي ڊڪٽيٽ ڪن هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمد چيو ته اسان گذريل ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي پر اسان اڃا تائين هن اي پي سي جي ٺهراءُ تي صحيحون ناهن ڪيون ۽ ان کي به چيو آهي ته اڄ اسان پيپلزپارٽي جي دوستن کي به چئي رهيا آهيون ته اسان ان حوالي سان پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ گڏيل صلاح مشوري سان پنهنجو پوائنٽ آف ويو ڏينداسين هڪ ٻئي سوال تي سعيد غني يو ته ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪو آهيان ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر هن صوبي ۾ لساني وڳوڙ ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ جنهن قسم جا بينر هن شهر ۾ لڳايا ويا آهن ۽ مقامي ۽ غير مقامي، ڳوٺاڻي ۽ شهري تعصب کي هوا ڏئي رهيا آهن، هن ان ڳالهه جو دليل آهي ته اهي ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر هن صوبي جي عوام ۾ لسانيت جي بنياد تي ڏڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هن ته جيئن اهي پنهنجي سياست کي ٻيهر زنده ڪري سگهن هن چيو ته هاڻي هر شهر ۽ صوبي جي عوام ۽ ان جي لسانيت ۽ تعصب تي ٻڌل سياست کي ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو هڪ ٻئي سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ نقصان لساني سياست سبب ڀوڳيو آهي هن چيو ته سياست ڪارڪردگي جي بنياد تي هئڻ گهرجي نڪي لسانيت جي بنياد تي ٿئي اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته اسان لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي مشاورت جي اسٽيج تي آهيون ۽ اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته پيپلزپارٽي هن ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ خاطري ڪرائي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *