حڪومت شهباز شريف کي ٽيهر جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف هاڻ جيل نه ويندو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ۽ 2018ع ۾ نالائقن ۽ اي ٽي اي ٽي ايمز جي حڪومت بڻي. هن چيو ته حڪومت شهباز شريف کي جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. صاف پاڻي، گندا نالا، لاهور ۽ ملتان ميٽرول جي منصوبن تي الزام لڳايو ويو. ڪڏهن وساريو ويو ته مني لانڊرنگ ٿي آهي ۽ ڪڏهن ڊيلي ميل جي رپورٽر ذريعي ڪوڙي خبر لڳرائي وئي ۽ ان خبر کان پوءِ ڊيلي ميل معافي به گھري. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي خلاف هر طرح جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، ملڪ ۾ وڌيندڙ مهانگائي تي هن چيو ته عوام وٽ ٻارن جي فيس جا پيسا ناهن ۽ ماڻهن وٽ بلن جي ادائگي لاءِ پيسا نه آهن. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي کي مسلم ليگ ن جي اڳواڻن خلاف لڳايو ويو آهي پر شهباز شريف جي خلاف قومي نه قومي احتساب بيورو (نيب) کي ثبوت مليا ۽ نه ئي ايف آءِ اي کي. هن چيو ته شهباز شريف کي گھرايو ويو آشيانا ڪيس ۾ ۽ گرفتار صاف پاڻي تي ڪيو ويو پر شهباز شريف تي هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي. شهباز شريف هاڻ جيل نه ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *