عدم اعتماد، حڪومت جا 179 ووٽ آهن، 186 جي حمايت ملي ويندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَواري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت وٽ 179 قومي اسيمبلي ۾ ووٽ آهن، ڪل 186 جي حمايت ملي ويندي بي اعتمادي رٿ کان اڳ پنجاب ۾ تبديلي ممڪن نه آهي، اسيمبلي اجلاس بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ايم اين ايز عورتون پارليامينت لاجز ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيون هيون. ايم اين ايز عورتن کي لاجز ۾ ڊيڄاريو ويو. خانگي جٿا ۽ فورس ٺاهڻ غيرقانوني عمل آهي فواد چوڌري چيو ته ڪنهن جي گهر جي سامهون 200 ماڻهو بيهارڻ حراسان ڪرڻ برابر آهي مولانا فضل الرحمان ڊرامو ڪري رهيو هو کيس گرفتاري ڏيڻي هئي ته ٿاڻي ۾ ڏي ها ان جا ايم اين اي پوليس سان مزاحمت ڪري رهيا هئا هن چيو ته فضلالرحمان پوري پلان سان هي سڀ ڪجهه ڪيو ايم اين ايز کي پاڻمرادو ٿاڻي ۾ ويهڻ جو شوق آهي ته ويٺا رهن انصارالسلام جا گرفتار ماڻهو 3، 4 سالن کان پوءِ واپس ايندا هاڻي اسان جو فوڪس بي اعتمادي رٿ تي اهي ان کان پوءِ پنجاب کي ڏسنداسين. اسيمبلي اجلاس بابت سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن فيصلو ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *