عمران خان جون گاريون ثبوت آهي ته کيس پنهنجي شڪست جي خبر پئجي وئي آهي: بلاول زرداري

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي گارين سان ڀرپور ٻولي ثبوت آهي ته کيس پنهنجي شڪست جو پتو پئجي ويو آهي. هن چيو ته ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن کٽيندڙ ڪپتان کي پنهنجي مخالفن کي گار گند ڪندي ٻڌو آهي؟ مخالفن کي گار گند کٽيندڙ ڪپتان نه پر ائين ته شڪست کاڌل عنصر ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته ان وقت جڏهن بي اعتمادي رٿ اچي وئي آهي، جلسي ۾ فوج جو حوالو ڏيڻ رحم جوڳو ۽ مايوس ڪندڙ آهي ۽ اهو ڪم نه ايندو.  خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي موقعي تي لوئر دير ۾ عمران خان جو جلسو اليڪشن ڪميشن جي پابندين جي واضح ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن کي لوئر دير جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نااهل قرار ڏئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن سرڪاري عهديدارن مٿان چونڊ مهم تي پابندي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪري، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ مخالف ڌر جي ميمبرن کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جو ڪو جواز ناهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *