عتيق الرحمان پنهنجي ڪنوار کي وٺي وڃي: ميرا جي ماءُ

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ميرا جي ماءُ شفقت زهره چيو آهي ته عتيق الرحمان اچي پنهنجي ڪنوار کي گهر وٺي وڃي.پنهنجي وڊيو پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته مان عدالت جي فيصلي جو احترام ڪريان ٿي، جڏهن ته ٺاهه ڪرائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديس.ياد رهي ته سيشن ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌايو ويو هو ته اداڪارا ميرا جو نڪاح درست هو ۽ هو عتيق الرحمان جي زال آهي.عدالت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو درست قرار ڏيندي اداڪارا ميرا جي نڪاح ڪوڙو هئڻ بابت اپيل رد ڪري ڇڏي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *