ملير: جسقم چيئرمين جي گهر تي پوليس چڙھائي، ڀاءُ سوڌو 3 ڄڻا کنڀي گم، احتجاجي مظاھرا، ڌرڻن جو اعلان

ملير  (م.ڊ) ملير  ۾  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي پوليس جي وڏن اٽالن رات دير سان چڙھائي ڪري گهر کي ڪڙو چاڙھي گهر جي تلاشي ورتي ۽  عورتن ۽ ٻارن سان مبينا بدتميزي ڪئي ۽ گهر ۾ موجود صنعان خان قريشي سان منهن ماري به ڪئي، پوليس شھيد بشير خان قريشي جي ننڍي پٽ ڪوثين خان کي ٻن ساٿين سجاد ۽ ڪالو سميت گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، صنعان خان قريشي جو چوڻ آهي ته رات دير سان اٽالن گهر تي چڙھائي ڪري گهر ڀاتين ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ بعد ڪوثين خان ۽ ٻن ملازمن کي گرفتار ڪري گهر ڀاتين جا موبائل فونز به کڻي ويا، صنعان خان قريشي جو چوڻ آهي ته اهلڪار پاڻ کي اي وي سي سي جو ظاهر ڪري رهيا هئا، کين چيم ته ڪوثين خان قانون جو شاگرد آھي ان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي مون کي گرفتار ڪريو مان هلان ٿو، ڀاءُ ٻين کنڀڻ بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پهچي چيو ته منهنجي معصوم ٻارڙن کي کنيو ويو آهي، انهن کي ڪجهه به ٿيو ته سنڌ سرڪار ذميوار ھوندي، صنعان خان قريشي چيو ته مان سڄي سنڌ کي چوان ٿو روڊن تي نڪري احتجاج ڪري ۽ جسقم  پاران اڄ سموري سنڌ ۾ ڌرڻن هڻڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي ڀاءُ ڪوثين قريشي جي گرفتاري ۽ پوليس ڪارروائي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڇاپي بعد پوليس موبائلن کي واپس ويندي ڏسي سگهجي ٿو، سي سي ٽي وي فوٽيجز موجب ڇاپو رات جو 2 وڳي ڌاري هنيو ويو، صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ڀر واري گهر مان ورتا ويا آهن، اسان جي گهر ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل ناهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *