جنسي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار مشهور فٽبالر کي فيفا مان نيڪالي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) 18 سالن جي شاگردياڻي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام ۾ گرفتار مانچسٽر يونائيٽڊ جو اسٽرائيڪر ميسن گرين ووڊ کي وڊيو گيم فيفا 22 مان به نيڪالي ڏني وئي آهي. مانچسٽر يونائيٽڊ جي فٽبالر ميسن گرين ووڊ کي آچر جي رات پوليس حراست ۾ ورتو هو مشهور فٽبالر تي 18 سالن جي گرل فرينڊ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو الزام آهي. 20 سالن جي ميسن گرين ووڊ جي گرل فرينڊ هيئرٽ روبسن سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير ۽ ويڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن جي منهن مان رت نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو. هيئرٽ روبسن پاران فٽبالر تي جنسي زيادتي ۽ جسماتي تشدد جو الزام لڳايو هو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *