عتيق الرحمان منهنجو مڙس نه پر ڪوڙو انسان آهي، نڪاح نامو  رد ڪيو وڃي: ميرا

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا جي تڪذيب نڪاح ڪيس جي فيملي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جڏهن ته لولي ووڊ اداڪارا پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب فيملي ڪورٽ ۾ اداڪارا ميرا جي تڪذيب نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته اداڪارا بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته عتيق الرحمان منهنجو مڙس نه پر ڪوڙو انسان آهي، مان ان سان نڪاح ناهي ڪيو، عتيق الرحمان جيڪو نڪاح نامو پيش ڪيو اهو جعلي آهي ۽ ڪنهن يونين ڪونسل نڪاح نامي جي تصديق ناهي ڪئي، هن جو چوڻ هو ته عتيق الرحمان جو پيش ڪيل نڪاح نامو رد ڪيو وڃي ۽ ان ڪي روڪيو وڃي ته مونکي زال نه چوي، اداڪارا ميرا پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ پيپر تي صحيح ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *