سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جو معامرو ۽ کنيل ايڪشن…!!

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ استادن طرفان شاگردياڻين کي مبينه طور جنسي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽن تي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هن ڊي آءِ جي حيدرآباد کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڄاڻايل معاملي تي انتهائي سنجيده قدمن تي ٻَڌل جامع انڪوائري ترتيب ڏئي سموري ضروري قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان حوالي سان تفصيلي رپورٽ جلد کان جلد کيس اُماڻي وڃي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انگلش شعبي جي شاگردياڻي رمشا کي مبينا طور استادن طرفان هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ واري مامري جو سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت به نيٺ سختي سان نوٽيس وٺندي جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ وي سي پاران ڊين آف فيڪلٽي ڊاڪٽر نگينا پروين سومرو جي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني جاچ ڪاميٽي ۾ پروفيسر وزير احمد بلوچ ۽ وومين هراسمينٽ سيل جي انچارج فوزيا اشرف کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي، جن کي وي سي طرفان شفاف جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، واضح رهي ته سوشل ميڊيا ذريعي انگريزي شعبي جي شاگردياڻي رمشا طرفان سپريم ڪورٽ کي خط لکي 3 استادن ثناءُ الله انصاري، فراز ٻگهيو ۽ فدا حسين چانڊيو تي هيسائڻ جا الزام هنيا هئا، جنهن بعد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت هراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر فراز علي ٻگهيو کي فوري طور تي سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي (مين) ڪئمپس مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، دادو بدلي ڪري ڇڏيو آهي. اهو فيصلو جوڙيل پروٽيڪشن آف وومين اگينسٽ هراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس جي ڪمپلينٽ سيل طرفان شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ  ڪيو ويو آهي.

اي ايس پي ڪوٽڙي سهائي عزيز ٽالپر  موجب ته يونيورسٽي ۾ هراسمينٽ جا ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، جڏهن ته ٽن واقعن جون درخواستون مليون آهن، جن مان ٻن متاثر شاگردياڻين سان ملاقاتون ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا آهن، جڏهن ته ٽين شاگردياڻي کي ڳولي رهي آهيان، ساڻس جلد ملاقات ڪنديس. سڀ کان وڌيڪ ڪوشش اها ڪري رهي آهيان ته شاگردياڻين جو اعتماد بحال ٿئي  ته جيئن هو اهڙن واقعن بابت شڪايت ڪري سگهن. استادن ۽ ملازمن سان گڏ شاگرد به شاگردياڻين کي هراسان ڪن ٿا، وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهيان جلد ئي جاچ مڪمل ڪري وٺنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *