اسان جو هر دور ايندڙ ڏينهن کان وڌيڪ خراب رهيو : انور مقصود

ڪراچي (شوبز نيوز)ناليواري ڊرامه نگار انورمقصود  چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 13 اگسٽ 1947 اسان جو سڀ کان بهترين ڏينهن هيو، پر 14 اگست کان پوءِ هر ايندڙ ڏينهن گذريل ڏينهن کان وڌيڪ خراب رهيو آهي. ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ساجد حسن جو  لکيل ڊرامون “هوا ڪڇ يون”  جي ميڊيا  بريفنگ جي دوران صحافين سان ڳالهائندي  ناليواري ڊراما نگار انور مقصود  جو چوڻ هيو ته “هوا ڪچ يو”  منهنجو لکيل ڊرامون ناهي، هي ساجد حسن لکيو آهي،  ان جو نالو نه مان تجويز ڪيو ۽ نه ئي ساجد حسن ڏنو آهي.  هي داور جو ڏنل نالو آهي، ان  ڪهاڻي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي الڳ ٿيڻ کان پهريان ۽ پوءِ  جي هڪ رومانوي داستان کي بيان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 13 اگسٽ 1947جو سڀ کان بهترين ڏينهن هيو. 14 اگست کان پوءِ هر ايندڙ ڏينهن گذريل ڏينهن کان وڌيڪ خراب رهيو آهي. ساجد حسن چيو ته مان سمجھندو هيس ته ڊرامون لکڻ آسان آهي  پر هن ڊرامي کي لکڻ ۾ مونکي چار سال لڳي ويا آهن، ۽ مونکي احساس ٿيو ته ڊرامون  لکڻ ڪيترو ڏکيو آهي. داور محمود چيو  ته اسٽيج هڪ ايڪٽر جو ميڊيم آهي، جيڪڏهن موومينٽ سٺِي ناهي پر ايڪٽر سٺا ۽ سڌا سڌا جملا ڳالهائي وڃي ٿو ته اهو هڪ سٺو ايڪٽر آهي. واضع رهي ته “هوا ڪڇ يو”  22 نومبر کان پشاور ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ مارچ ۾ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ڏيکاريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *