عامر خان کي اجي ديوگن جي هٿان باڪس آفيس تي شڪست

ممبئي (شوبز نيوز)  ائين لڳي ٿو باليوڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان کي اجي ديوگن جي هٿان باڪس آفيس تي شڪست سامهون آهي. جي ها پر عامر خان جي سيڪريٽ سپر اسٽار ۽ اجي ديوگن  جي گول مال سيريز جي چوٿين فلم جي وچ ۾ هن هفتي باڪس آفيس ۾ ٽڪراءُ ٿيو جيڪو واضع طور تي ڪاميڊي فلم کٽڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي.  ان سيريز جي چوٿين فلم گول مال اگين  خميس تي رليز  ٿي هئي ان جي دوران  ٻن ڏينهن  58 ڪروڙ انڊين رپيا پنهنجي نالي ڪيا،  جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ عامر خان جي فلم سيڪريٽ سپر اسٽار  ٽن ڏينهن ۾ 22.75 ڪروڙ انڊين رپيا پنهنجي نالي ڪيا. گول مال اگين ۾ اجي ديوگن، توشار ڪپور، ارشد وارثي،  ۽ پرنيتي چوپڙا سميت ٻين به ڪيترن ئي اداڪارن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.  ان فلم پهرين ڏينهن 30 ڪروڙ جڏهن ته ڇنڇر تي 28 ڪروڙ رپيا ڪمايا،   ان جي مقابلي ۾ عامر خان جي فلم سيڪريٽ سپر اسٽار جنهن ۾ عامر خان ۽   زائره وسيم   مرڪزي ڪردار   ادا ڪيو ان فلم 4.8 ڪروڙ رپيا پهرين ڏينهن ، 9.30 ڪروڙ رپيا ٻئي ڏينهن جڏهن ته ٽئين ڏينهن 8.65 ڪروڙ رپيا ڪمايا. گول مال اگين  پرڏيهي ۾ 15 ڪروڙ رپيا ڪمايا، گڏيل طور تي هن وقت  تائين 73 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *