راني مکرجي جو پيءُ رام مکرجي ۸۴ سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا راني مکرجي جو پيءُ رام مکرجي ۸۴ سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق راني مکرجي جو پيءُرام مکرجي ۱۳ آڪٽوبر کان نئين دهلي جي اسپتال ۾ داخل هو، جتي ڪالهه اسر ويل ۵ وڳي ڌاري سندس بلڊ پريشر ڪري پيو، جنهن ڪري هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان حوالي سان فلم ميڪر جي گهرواري ڪرشنا ٻڌايو ته رام مکرجي بالي ووڊ ۾ ڪيتريون ئي بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن، ڪجهه ڏينهن کان رام مکرجي اسپتال ۾ داخل هو پر ان جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ ڪالهه اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. ٻئي طرف اطلاع ملڻ تي راني مکرجي به اسپتال پهچي وئي. جڏهن ته بالي ووڊ اسٽارن راني مکرجي سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *