ٺل لڳ وحشين جي 6 ورهين جي معصوم نينگري سان جنسي ڏاڍائي، مرڻيڪ حالت ۾ ڇڏي فرار، ٻارڙي جي حالت نازڪ

ٺل(رپورٽر) ٺل لڳ وحشي صفت جوابدارن پاران ڇهن ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪري مرڻينگ حالت ۾ اسڪول اندر ڦٽو ڪري ويو،نينگري کي بي هوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو آهي، ٺل لڳ ڳوٺ مبارڪپور ۾ ڇهن ورهين جي معصوم نينگري مهرين ڀٽو کي وحشي جوابدارن پاران گهر ٻاهران کڻي ڪري ڳوٺ جي هڪ ڦٽل اسڪول ۾ جنسي ڏاڍائي ڪئي جنهن بعد نينگري کي چهري تي ڌڪ هڻي ڪري مرڻينگ ڪري وڌو،جڏهن ته  نينگري مهرين ڀٽو کي بي هوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي جنهن کي نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هنجي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي سول اسپتال جيڪب آباد جي ليڊي ڊاڪٽر فرحين مغل پاران نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي تقديق ڪري ڇڏي آهي، نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ ڪري هنکي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي،ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مبارڪپور ٻڌايوته گهر اڳيان راند ڪندي  ڇهن ورهين جي نينگري مهرين ڀٽو کي اغوا ڪري بعد م ڦتل اسڪول تي وٺي وڃي ڪري جنسي ڏاڍائي بعد سخت تشدد ڪري مرڻينگ ڪيو ويو،هن ٻڌايوته ليڊي ڊاڪٽر پاران نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي جنهن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي،هن چيوته جوابدارن جي ڳولها ڪئي پئي وڃي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *