”هماري اڌوري ڪهاني“ جي ٻِن ڏينهن جي ڪمائي 10.19 ڪروڙ رپيا

نئين دهلي (شوبز نيوز) مهيش ڀٽ جي نئين فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ ٻِن ڏينهن ۾ ته سٺي شروعات ڪندي  باڪس آفيس تي سٺي هاڪ بيهاري آهي، عمرا هاشمي ۽ وديا بالن جي ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي ٻِن ڏينهن جي ڪمائي 10.19 ڪروڙ رپيا رهي، فلمي واپار جي اينالسٽ تَرن آدرش ٽوئيٽ ڪيو ته فلم جمعي تي 5.04، ڇنڇر تي 5.15 ڪروڙ ٽوٽل 10.19 ڪروڙ انڊيا ۾ ڪمائي ورتا آهن، ”هماري اڌوري ڪهاني“ کي موهت سوريءَ ڊائريڪٽر ڪيو آهي، فلم بابت فلمي حلقن ۾ مليل جُليل تاثر هو، جنهن دوران ڪِن جو چوڻ هو ته عمران هاشميءَ هڪ ڀيرو ٻيهر فلاپ فلم جو رڪارڊ نه ٽوڙيو، جڏهن ته ڪجھه جو چوڻ هو ته فلم کي سٺي موسيقيءَ جي سُٺي شروعات ملي آهي. جڏهن ته ڪهاڻي فلاپ آهي وغيره. ان هوندي به موهت سوريءَ جي اڳين فلمن ”عاشقي-2 ۽ ايڪ ولن“ جھڙي اوپننگ ”هماري اڌوري ڪهاني“ نه ڏئي سگھي آهي، جِن باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *