عاليه ڀٽ ايندڙ فلم “سڙڪ 2” ۾ بنا ميڪ اپ جي نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽري جي خوبصورت اداڪاره عاليه ڀٽ ايندڙ فلم “سڙڪ 2” ۾ بنا ميڪ اپ جي نظر ايندي. ڀارتي ميڊيا /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36

رپورٽن موجب مشهور هدايتڪار مهيش ڀٽ 1991 ۾ ٺهندڙ فلم “سڙڪ” جو سيڪوئل “سڙڪ 2” ٺاهڻ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڌيءُ اداڪاره عاليه ڀٽ کي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو آهي. فلم ايندڙ سال 10 جولاءِ تي سينيما گهرن ۾ پيش ٿيندي. فلم جي ٽيم ڀارتي ويب سائيٽ مڊي ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته فلم جي شوٽنگ شروع ٿي وئي آهي، عاليه ڀٽ شوٽنگ لاءِ رڳو 25 منٽن ۾ تيار ٿي وئي، جنهن دوران هن تمام گهٽ ميڪ اپ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪردار جي گهرج به اهڙي ئي آهي، جو کيس ميڪ اپ جي ضرورت ناهي. 26 سالن جي اداڪاره عاليه ڀٽ جي اها پهرين فلم ناهي، جنهن ۾ هن ميڪ اپ استعمال نه ڪيو هجي، ان کان اڳ به ٽن فلمن “هاءِ وي”، “اڙتا پنجاب”، “راضي” ۾ به هن ميڪ اپ استعمال نه ڪيو هو. 1991 ۾ ٺهيل فلم “سڙڪ” ۾ سنجي دت ۽ پوجا ڀٽ مرڪزي ڪردار نڀايو هو، جڏهن ته ان جي سيڪوئل “سڙڪ 2” عاليه ڀٽ، ادتيا رائي، سنجي دت سميت پوجا ڀٽ ڪردار نڀائيندي نظر ايندا. ڪلنڪ اداڪاره عاليه جون ايندڙ سال 4 فلمون رليز ٿينديون، جن ۾ “سڙڪ 2”، “براهمسترا”م “تخت” سميت تيليگو فلم به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *