عالمي ڪرڪيٽ ۾ ميچ فڪسنگ تي آواز اٿارڻ سبب رانديگر طور هن جو ڪيريئر مختصر رهيو :عاقب جاويد

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪوچ ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ ميچ فڪسنگ تي آواز اٿارڻ سبب رانديگر طور هن جو ڪيريئر/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

مختصر رهيو.ڪرڪيٽ ويب سائٽ کي ڏنل  انٽرويو ۾ عاقب جاويد چيو ته جيتوڻيڪ سندس جو ڪيريئر ننڍو رهيو پر سندس کي ميچ فڪسنگ بابت پنهنجي موقف تي پشيماني نه آهي. پاڪستان جي ورلڊ چيمپيئن ٽيم جي فاسٽ بالر چيو ته هن کي جيئن ئي ميچ فڪسنگ بابت خبر پئي ته هن ان خلاف آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجهه ماڻهن مونکي پاڪستان ٽيم جي عالمي دورن کان پري ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.عاقب جاويد چيو ته هن ميچ فڪسنگ خلاف آواز اٿاريو جنهن سبب سندس جو ڪيريئر مختصر ٿي ويو. هن ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابي جي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيم هن وقت باصلاحيت رانديگرن تي ٻڌل آهي. عاقب جاويد زور ڏنو ته فهيم اشرف ۽ عماد وسيم کي قومي ٽيم جي بيٽنگ لائن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ آخري نمبرن تي گھڻي مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.آل رائونڊر محمد حفيظ جو ذڪر ڪندي سندس جو چوڻ هو ته حفيظ جو صحتياب ٿيڻ ٽيم لاءِ گھڻو ضروري آهي جيڪو بيٽنڪ سان گڏوگڏ بالنگ جي شعبي ۾ توازن فراهم ڪندو آهي.پي ايس ايل 2019ع ۾ پنهنجي ٽيم لاهور قلندرز جي ناڪامي تي ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته محمد حفيظ انجري جو شڪار ٿيا، ڪارلوس بريٿ ويٽ پنهنجي قومي زميواري نڀائڻ لاءِ ويسٽ انڊيز واپس هليو ويو.ڳالهه جاري رکندي عاقب چيو ته جڏهن سندس جي ٽيم پي ايس ايل ميچز لاءِ پاڪستان پهتاسين ته اها ٽيم بي ٽيم بڻجي چڪي هئي ڇو ته ان وقت اي بي ڊي ويليئرز به ٽيم جو ساٿ ڇڏي ويو هو. عاقب جاويد پنهنجي انٽرويو دوران لاهور قلندرز سان گڏ پنهنجي مستقبل بابت وائڙائپ جو شڪار نظر آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *