ماڊل ۽ اداڪاره آمنه الياس جي نئين فلم ريڊي اسٽيڊي نو جو پهريون ٽريلر جاري

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره آمنه الياس جي نئين فلم(ريڊي اسٽيڊي نو) جو پهريون ٽيلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 08

(ريڊي اسٽيڊي ٽو) حيشام  بن منور جي هدايتڪاري ۾ ٺاهي وئي آهي. جنهن جي  اداڪارن ۾ آمنه الياس سميت شاهد، فيصل سيف، زين افضل، نرگس رشيد ۽ اسماعيل تارا شامل آهن.فلم جو پهريون ٽيلر پنجويهه سيڪنڊن تي مشتمل آهي جنهن کي ڏسي فلم جي حوالي سان وڌيڪ خبر ته نٿي پوي ها پر ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته (ريڊي اسٽيڊي ٽو) هڪ مزاحيه فلم آهي جنهن ۾ ڪاميڊي ۽ رومانس جو ڀرپور مزو آهي. فلم جي ڪهاڻي ٻن  محبت ڪندڙن تي مشتمل آهي جيڪي شادي ڪرڻ لاءِ بي تاب آهن ۽  کين شادي ڪرڻ لاءِ وڏن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٽيلر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آمنه الياس ۽ فيصل سيف ڀڄي شادي ڪري رهيا آهن جڏهن ته هڪ جڳهه تي اداڪاره هڪ شادي ۾ نچي به رهي هئي. جنهن ۾ هن خوبصورت بليو رنگ جو لهنگو پاتو آهي. آمنه الياس هن وقت پنهنجي ٻئي فلم (باجي) سميت ريڊي اسٽيڊي نو جي عڪس بندي ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *