ٽنڊوڄام: آل پاڪستان انٽريونيورسٽيز وشو چيمپئن شپ ۾ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب ڪامياب

ٽنڊوڄام(اسپورٽس نيوز) آل پاڪستان انٽريونيورسٽيز وشو چيمپئن شپ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب 172 پوائنٽ حاصل ڪري ڪامياب، /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 34

پنجاب يونيورسٽي لاهور 135 پوائنٽ کڻي ٻئي نمبر ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي 83 پوائنٽس سان ٽين نمبر تي رهي. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان منعقد ڪرايل آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز وشو چيمپئن شپ پڄاڻي تي پهتي، وشو چيمپئن شپ جي مقابلن ۾ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب 172 پوانٽس حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي لاهور 135 پوائنٽس کڻي ٻي ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور 83 پوائنٽ حاصل ڪري ٽين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيون. وشو چيمپئن شپ جي مقابلن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي مختلف يونيورسٽين جي رانديگرن گولڊ ميڊل حاصل ڪيا، جن ۾ 52 ڪلوگرام ويٽ جي ڪيٽيگري ۾ يونيورسٽي آف لاهور جو امين الله، 56 ڪلو گرام ۾ پنجاب يونيورسٽي جو دائود جان، 60 ڪلوگرام ۾ يو ايم ٽي لاهور جو محمد عاطف، 65 ڪلوگرام ۾ پنجاب يونيورسٽي جو سيد خليل، 70 ڪلوگرام ۾ پنجاب يونيورسٽي جو حيدر علي، 75 ڪلوگرام ۾ يو ايم ٽي لاهور جو سلمان فضل، 80 ڪلوگرام ۾ يو سي پي لاهور جو احسن اقبال، 85 ڪلوگرام ۾ يو سي پي لاهور جو محمد عمر، 90 ڪلوگرام ۾ يونيورسٽي آف لاهور جو غلام محمد ۽ اوپن ويٽ ڪيٽيگري ۾ يو سي پي لاهور جو علي اصغر شامل آهن. آل پاڪستان انٽريونيورسٽيز وشو چيمپئن شپ جي پڄاڻي تي انعام ورهائڻ واري مختصر تقريب منقعد ڪئي وئي.اختتامي تقريب جي مهمان خاص زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جي ڊين عبدالغني لنجار ۽ اطهر علي خانزادي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن ۾ جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا. انهي موقعي تي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادو، شوڪت علي سانگي سميت ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *