عالمي منڊي ۾ تيل ۽ ڊالر جي قدر ۾ اضافو، پاڪستان ۾ پيٽرول 7 روپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(م.ڊ) عالمي منڊي ۾ تيل ۽ ڊالر جي قدر ۾ اضافي بعد پيٽرول 7 رپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي، ذريعن موجب ان مهانگائي جا اثر پيٽرول جي مقامي قيمت تي پئجي سگهن ٿا، ان ڪري 10 ڏينهن بعد پيٽرول وڌيڪ مهانو ڪرڻو آهي يا نه،؟ فيصلو حڪومت جي لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويو، انڊسٽري ذريعن ڊيزن جي قيمت ۾ 5 روپيا، گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ 6 روپيا في ليٽر اضافي جي اڳڪٿي ڪئي اهي،  ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر اضآفي جو امڪان آهي، ان حوالي سان حتمي فيصلو حڪومت ڪندي، گذريل مهيني حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيا 49 پيسا ۽ ڊيز جي قيمت ۾ 5 روپيا 19 پيسا اضافي ڪيو هو، هن وقت سڄي ملڪ ۾ پيٽرول 77 روپيا کان وڌيڪ في ليٽر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *