ڏنڊي ۽ ڌرڻي تي زور تي استعيفائون ملڪ کي جهنگ بڻائي ڇڏينديون: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڏنڊي ۽ ڌرڻي جي زور تي استعيفائون ملڪ کي جهنگ بڻائي ڇڏينديون، ڪنهن کي استعيفيٰ وٺڻي آهي ته قانون يا عوام جي عدالت ۾ وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ سعد رفيق چيو ته عدل جو مطالبو هڪ ڪنهن جو بنيادي حق آهي، طاهر القادري ڌرڻي بدران پنهنجو ڪيس عدالت ۾ ڇو نٿو کڻي وڃي. هن چيو ته پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جا حق غصب ڪرڻ وارو عمل قبول ناهي، عدالتن ۾ پيش نه ٿيندڙ عدليا جي آزادي جا علمبردار ڪيئن ٿا بڻجي سگهن؟ اسان عدليا جي آزادي ۽ بحاليءَ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي.27

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *