اسان هن ملڪ کي شهيد راڻي جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

نوشهرو فيروز (اين اين آءِ) پ پ جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ اقتدار ۾ نه هوندي به جمهوريت جو علم بلند ڪيو شهيد بيبي جمهوريت جي بحالي دهشتگردن کي للڪارڻ آئين جي رکوالي جي لاءِ پاڪستان  آئي اهڙن خيالنجو اظهار هن پڊعيدن ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي تيارين جي حوالي سانپارٽي ڪارڪنن ۽ عوامي ميڙاڪ کي ويڊيو لنڪ هولوگرام جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول  ڀٽو زرداري چيو تهگذريل 10 سالن کان ڪراچي کان ڪشمور تائين بي بي  شهيد جو قافلو نه رڪيو آهي نه رڪجندو.  محترمه بينظير 18 آڪٽوبر تي هن ڌرتي تي قدم رکيو ته کيس روڪڻ لاءِٰ ان جي قافلي تي ڌماڪا ڪري خوفناڪ حملو ڪيو پر هن پوءِ به همت نه هاري ۽ ملڪ جي ڪنڊ  ڪڙڇ ۾ عوام ڏانهن وئي هر هنڌ  آمرن ۽ دهشتگردن  کي للڪاريندي رهي، بي بي شهيد کي پنهنجي عزيز ڌيءُ جا اهي لفظ ڪڏهن به وسريا جيڪي هن موت جي ڪوٺڙي مان هڪ خط جي ذريعي لکيا هئا ته تون ان وقت تائين پنهنجي ڌرتي جو دفاع نه ٿي ڪري سگھين جيستائين پنهنجي ڌرتي جي خوشبو کان وقف نه هجين، هوءَ ٽيهن سالن تائين پنهنجي ڌرتي جو دفاع ڪندي رهي ۽ وڙهندي رهي، عوامي رابطا مهم ۾ پ پ نوابشاهه جو جنرل سيڪريٽري ممتاز چانڊيو، فيروز جمالي، نوشهرو فيروز جوانفارميشن سيڪريٽري خان محمد اعواڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *