عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ هلندڙ سڌارا عمل جي واکاڻ، مدد جاري رکڻ جي خاطري

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس پاڪستان ۾ هلندڙ سڌارن جي عمل کي واکاڻيندي پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي وارو وزير اسد عمر عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آهي ۽ جتي هن اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن. ناڻي واري وزير اسد عمر عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس سان ملاقات ڪئي جنهن دوران کيس پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجمينٽ ڊائريڪٽر ڊيوڊ لپٽن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ ڳالهين تي به غور ويچار ڪيو ويو. اسد عمر آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيز جي اختيارين به شرڪت ڪئي جڏهن ته اختيارين پاڪستان ۾ پنهنجي مستقبل جي منصبن ۽ پاڪستان جي مدد تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته ڪيترين ئي ملٽي نيسنل ڪمپنين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ دلچسپي جو به اظهار ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سڌارن واري عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *