بدقسمتي سان بي سمجهه سياستدان سياست ۾ اچي ويا: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي اسان جي بدقسمتي آهي ته بي سمجهه سياستدان سياست ۾ اچي ويا آهن، هڪ چوي ٿو مودي کٽي ويندو ۽ ٻيو چئي ٿو مودي حملو ڪندو، انهن بي سمجهه سياستدانن جي وات ۾ جيڪا ڳالهه اچي ٿي چئي ٿا ڏين. سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مودي مسلمانن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، اپوزيشن جماعتون مودي جي پويان پئجي ويون آهن، جڏهن ته اسان جو وزيراعظم مودي جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي، اڄ جڏهن مودي هارائي رهيو آهي ته اسان جي پوزيشن ڇا هوندي؟ ڪنهن به وزيراعظم کي ائين نه چوڻ گهرجي ته ڪير کٽي يا هاري. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان هڪ اجلاس ۾ پنهنجي وزيرن کي چيو ته وڃو ۽ ڪرپشن جو پتو لڳايو، عمران خان سان گڏ ويٺل ماڻهو چوندا هئا ته اسان ملڪ ۾ کير جو نديون وهائي ڇڏينداسين، جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته جي ڊي پي گروٿ 3.8 هئي، موجود حڪومت ۾ جي ڊي پي گروٿ 3.4 آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ ٻوڏ آئي، موجوده حڪومت ۾ اهڙي ڪا قدرتي آفت ناهي آئي، جڏهن حڪومت پاڻ چئي ته ايندڙ ٻه سال عوام جون رڙيون رڪنديون، حڪومت اميد سان هلندي آهي ۽ هي ماڻهن کي ڊيڄارين پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *