تحريڪ انصاف ۾ ڌڙابندي، 20 ميمبرن الڳ گروپ ٺاهي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي 20 ميمبرن پنجاب اسيمبلي کان مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڌڙو ٺاهي ڇڏيو. تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن حلف کنيو آهي ته اهي هڪٻئي سان گڏ رهندا ۽ گڏجي مطالبا مڃرائيندا. ڪاوڙيل ميمبرن جي ان ڌڙي پنجاب جي وڏي وزير کان پنهنجي پنهنجي تڪن لاءِ فنڊن ۽ عوامي منصوبن جو مطالبو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ليه مان پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شهاب الدين جو چوڻ هو ته گروپ ۾ هن کانسواءِ ملڪ غضنفر ڇينا، تيمور لالي، مامون تارڙ، فيصل فاروق چيما، اعجاز خان، گلريز افضل چن، ڪرنل غضنفر عباس، خواجا دائود بنديشا، محيءُ الدين کوسا ۽ عامر عنايت شهواڻي سميت ٻيا شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڌڙي وڏي وزير کان پنهنجي تڪن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۽ عوامي منصوبا شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان تحريڪ انصاف سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تائين ئي ايندڙ چونڊون وڙهنداسين. شهاب الدين موجب عثمان بوزدار سان ملاقات ۾ عوامي مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *