عابد شير علي ۽ ڪئپٽن صفدر سميت 261 اسيمبلي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 261 پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ مطعل ڪري ڇڏي آهي، گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين ميمبرن جي ميمبرشپ معطل رهندي، الڪيشن ڪميشن پاران 7 سينٽر، 71 قومي اسيمبلي جا ميمبر، پنجاب اسيمبلي جا 84 ميمبر، سنڌ اسيمبلي جا 50، ڪي پي ڪي جي 38 ۽ بلوچستان جي 11 ميمبرن جي ميمبرشپ مطعل ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جو نياڻو محمد صفدر، سردار يوسف، عائشا گلالئي، طارق فضل چوڌري، طلال چوڌري، فهميده مرزا ۽ ٻيا شامل آهن، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *