نااهلي جي فيصلي کي اسان مڃيو پر پاڪستاني عوام ناهي مڃيو: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نااهلي جي فيصلي کي اسان مڃيو پر پاڪستاني عوام ناهي مڃيو، هن چيو ته آرمي چيف معيشت تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، سول ملٽري ڇڪتاڻ ناهي، اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿو، سٺي ڳالهه آهي، آرمي چيف پبلڪ فورم تي ڳالهه ڪئي، اختلاف راءِ هر گهر ۾ هوندو آهي، سڀني جو مقصد هڪ آهي ته ملڪ ترقي ڪري، مون کي هميشه گلاس اڌ ڀريل نظر ايندو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عدم اعتماد ٿيو ته مان پنهنجي خلاف ووٽ نه ڏيندس باقي پنهنجو فيصلو ڪندا، ن ليگ واحد جماعت آهي، جنهن جا ميمبر معاملن تي کلي عام اختلاف ڪندا آهن، پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ جو مون کي علم ناهي، سياست آئين ۽ عوام جي خواهش موجب ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *