طب جي شعبي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: سيد ناصر شاهه

ڪراچي  (اين اين آءِ) طب جي ميدان ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو جن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سڌ سماءَ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ۽ سي سي آفيسر مئنيجمينٽ سنڌ جي تعاون سان پنهنجي مان ۾ ڏنل جي آجياڻي ۽ ايوارڊن جي ورڇ واري تقريب ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي نئين چونڊيل عهديدارن کان قسم کڻائڻ واري تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي نعمان شيخ، عبدالله بلوچ، فريد انصاري، ناز بلوچ سميت ٻيا عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سوشل سيڪيورٽي جا ملازم، آفيسر پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف پورهيتن جو معياري علاج طبي سهولتون ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين، هن اهو به چيو ته سوشل سيڪيورٽي جي سنڌ جي وڏن اسپتالن سميت وڌيڪ طبي مرڪزن ۾ پورهيتن جي علاج لاءِ دوائون پاڪستان جي مشهور ۽ بهترين ڪمپنين مان خريد ڪيون وڃن، جڏهن ته معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، صوبائي وزير چيو ته اڄ جي تقريب ۾ جيترا مطالبا پيش ڪيا ويا آهن انهن جو جائزو ورتو ويندو، انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت آهي ته اهڙن سمورن ادارن جو جن جو تعلق سڌو سنئون پورهيتن سان آهي ان جو خاص خيال رکيو وڃي، ناصر شاهه چيو ته عبدالله بلوچ جي سي سي لاءِ وڏيون قربانيون آهن جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي عملي جامو پهرايو، هن چيو ته سعيد غني جيڪڏهن ڪجهه عرصو ليبر جو وزير رهيو ته هن ٿورڙي عرصي ۾ بهترين ڪم ڪيو. ڪوشش هوندي ته سعيد غني جي جوڙيل ٽريڪ تي هلان. حڪومت جي نيڪ نامي ۽ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته پورهيتن جا ٻچا اسان جا ٻچا آهن، صوبائي وزير چيو ته اداري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سي سي ملازمن جي سن ڪوٽا، اپ گريڊيشن، سينيارٽي لسٽ، هائوسنگ اسڪيم، پينشن، پروموشن سميت ٻين مطالبن جو گورننگ باڊي ۾ همدردي سان جائزو ورتو ويندو. هن عهديدارن کي قسم کڻايو ۽ انهن کي مبارڪ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *